جئسنگهاڻي شنڀو

جئسنگهاڻي، شنڀو: برک سماجي ڪارڪن شنڀوءَ جئسنگهاڻي 18 آگسٽ 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان ورتي. نوجوانيءَ ۾ هن ’هم دم‘ نالي هڪ سماجي اداري جو بنياد وڌو، جنهن جو مقصد معاشري جي نادار ماڻهن کي طبي سهولتون، اجهو ۽ کاڌو فراهم ڪرڻ هو. شنڀو 14 سالن جي عمر ۾ ’هندستان ڇڏيو تحريڪ (Quit India Movement) ۾ پڻ حصو ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڪراچي جيل موڪليو ويو. 1947ع ۾ورهاڱي کان پوءِ شنڀو هندستان ويو ۽ شروع ۾ آديپور ترسيو، ان کان پوءِ هو ڪجهه عرصو مارواڙ رهيو. انهيءَ عرصي دوران هن سنڌين کي هندستان ۾ نئين سر آباد ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي. هو انهن کي طبي سهولتون، کاڌو، ڪپڙو لٽو وغيره مهيا ڪندو رهيو. هن اهو ڪم هند سرڪار جي فلاحي اداري’سنڌي سماج‘ جي ميمبرن خاص طور تي ڊاڪٽر چوئٿرام جي سهڪار سان ڪيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ هو اجمير هليو ويو، جتي هن سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ’ڪلاڪار فلم مئگزين‘ شايع ڪرڻ جي شروعات ڪئي. ٻه سال ڪاميابيءَ سان رسالي کي هلائڻ بعد هو دهلي هليو ويو ۽ هن بليز ايڊورٽائيزنگ پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ سيلز مئنيجر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اهو ڪم هن مسلسل 32 سالن تائين ڪيو. انهي عرصي دوران 1960ع ڌاري هو ”سنڌي نوجوان سڀا“ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ان کان علاوه تاحيات ميمبر ۽ سماجي ۽ ثقافتي سيڪريٽري کان سواءِ سنڌو سماج جو سيڪريٽري پڻ رهيو. هن ’سنڌو ڪالا سنگرام‘ نالي هڪ سنڌي ٿيٽر گروپ لاءِ ڪوششون ورتيون. انهي ٿيٽر گروپ ذريعي هن سنڌي ثقافت کي فروغ ڏنو. هيءُ انهيءَ ٿيٽر گروپ جو صدر ۽ نائب صدر رهيو. ساڳئي دور ۾ هن ’اوکا پنڌ پيار جا‘ نالي هڪ سنڌي وڊيو فلم پڻ ٺاهي. شنڀو ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ جو پڻ ميمبر رهيو. هن ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ بوٽ ڪلب نيو دهليءَ اڳيان بک هڙتال ڪئي ته گورنمينٽ آف انڊيا جي 8 آئين شيڊول مطابق سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي تسليم ڪيو وڃي. هي بوٽ ڪلب جو 1967ع ۾ نائب صدر ٿي رهيو. گذريل 35 سالن کان هيءُ سنڌي ايجوڪيشن سوسائٽي جو سرگرم ميمبر آهي. هن وقت هيءُ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جو نائب صدر آهي ۽ تازو ئي هن کي سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي طرفان ’لئنگئيج ڊولپمينٽ اوارڊ‘ ۽ ’سنڌو سڀا‘ دهليءَ جي اوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. هو سري اڌيڪاري بردارس ٽيليويزن نيٽ ورڪ لميٽيڊ جي سينيئر نائب صدر جي عهدي تي پڻ فائز آهي. اها ساڳي ڪمپني هندستان جي پهرين چئنل جنمت (Janmat) ۽ نئين چئنل مي مراٺي (Mi Marathi) کي پڻ هلائي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو